سنڌي ٻولي 3

سنڌي ٻولي 3

سنڌي ٻولي (ڪتاب)

سنڌي ٻولي (لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب: ڪتاب): هيءُ ڪتاب لسانيات جي ڄاڻو، ليکڪ محمد عمر چنڊ جو لکيل آهي. جيڪو ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘ تي ڪيل تنقيد تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ محمد عمر چنڊ ڪٿي ڪٿي شخصي تنقيد به ڪئي آهي، جيڪا علمي معاملي ۾ ناگوار گذري ٿي. تڏهن به هڪ خاص مقصد کي سامهون رکي تحرير ڪيل هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ متعلق علمي دستاويز آهي، جيڪو بهرڪيف اهميت لهڻي. ڪتاب کي ڪل ٻارهن بابن ۽ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان ڀاڱي پهرئين لسانياتي جاگرافيءَ ۾ هيٺيان پنج باب آهن: 1. قصو ڪڻڪ جي باغ پوکيندڙ مالهيءَ جو، 2. تحقيق جا ڪي املهه پهلو، 3. لسانياتي جاگرافيءَ سان لاڳو ڪن اصطلاحن تي بحث. 4. ڊائيليڪٽالاجي سان لاڳو ڪن اصطلاحن تي بحث، 5. ٻوليءَ جون وصفون ۽ انهن سان لاڳو ڪن اصطلاحن تي بحث. ڀاڱي ٻئي ’ٻوليءَ جي آراڌاين جي مطالعي جي تاريخ جو مختصر جائزو‘ ۾ هيٺيان باب رکيا ويا آهن. 6، لسانياتي جاگرافيءَ جي اوسر جو هڪ مختصر تاريخي جائزو 7. لسانياتي جاگرافيءَ جو پهريون دور 9، لسانياتي جاگرافيءَ جو ٻيو دور 10. سماجي لسانيات کان محاورن جي اڀياس تائين، 11. سنڌي ٻوليءَ جي آراڌاين تي تحقيق جا ميدان. ڀاڱي ٽئين ۾ باب ٻارهون سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ترتيب جو مسئلو شامل ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ ٻوليءَ جي صحت جي مسئلي، لهجن جي ڌار ڌار گرامر، جھيلار جو لفظي ترتيب سان لاڳاپو وغيره سمجھايو ويو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ ’ناشر نوٽ‘ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ان وقت جي چيئرمئن ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھئي جو لکيل آهي. ڪتاب جو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تقريظ جي سري سان محمد ابراهيم جويي جـو نوٽ، ٻه اکر احمد شيخ ۽ عـبدالـغـفـار شـيخ ۽ مـنـڍ جي سـري سـان تفصيل ليکڪ پاڻ لکيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز ۾، 206 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2004ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو